سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، 6 ڄڻا فوت

0
82
Sindh Rain

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

تفصيل موجب ٿرپارڪر ۾ سڄي رات وقفي وقفي سان گجگوڙ ۽ ڳڙي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، برسات دوران ننگرپارڪر، مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ وِڄ ڪرڻ جا واقعا پيش آيا جن ۾ 2 عورتن سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

اڇڙي ٿر ۾ به برسات تباهي مچائي ڇڏي جنهن دوران وِڄ ڪرڻ سبب 2 عورتون فوت ٿي ويون آهن.

ان کانسواءِ سانگهڙ، ميان صاحب، ڪنڌڪوٽ سوڌو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي جڏهن ته برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، رستن ۽ گهٽين تي برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري شهرين کي ڏکائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

LEAVE A REPLY