توهين عدالت ڪيس: غلام سرور خان غير مشروط معافي گهري ورتي

0
45
Ghulam Sarwar Khan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير غلام سرورخان توهين عدالت تي غير مشروط معافي گهري ورتي آهي.

اسلام آباد هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس اطهرمن الله جي سربراهي ۾ وفاقي وزير غلام سرورخان ۽ فردوس عاشق اعواڻ خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

چيف جسٽس اطهرمن الله غلام سرورخان کي روسٽرم تي سڏائي چيو ته اوهان عام ماڻهو ناهيو وفاقي وزير آهيو، اوهان عدالتي فيصلن تي ماڻهن جي ذهنن ۾ شَڪ پيدا ڪيا.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالتي فيصلو اچي ته اُن تي تنقيد ڪيو پر لفظن جي درست استعمال سان، هر هر چئي رهيو آهيان عدالت کي پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن جو احترام آهي پر اوهان سڄي تان ماڻهن جو اعتماد تباهه ڪري رهيا آهيو.

هُن چيو ته نوازشريف جي اپيل اڃا به عدالت ۾ بڌڻي هيٺ آهي، اوهان جو وزيراعظم ۽ ٻيا وزير ڪجهه ٻيو چئي رهيا آهن، اوهان عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو.

وفاقي وزير غلام سرور خان چيو جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته عدالت جي توهين ٿي ته مان معافي گهران ٿو، مان هِن ڪيس کي وڙهڻ ئي نٿو چاهيان اِن ڪري غيرمشروط معافي گهران ٿو.

عدالت وفاقي وزير کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته اوهان کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي اُهو لکت واري جواب ۾ ٻُڌايو.

غلام سرور خان عدالت کان شوڪازنوٽيس جاري ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪئي جڏهن ته عدالت غلام سرورخان ۽ فردوس عاشق اعواڻ جي غيرمشروط معافي تي فيصلو محفوظ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY