ڪلڀوشن ياديو بابت ڪابه ڊيل نه ٿي رهي آهي: پرڏيهي کاتي جو ترجمان

0
43
Dr Mohammad Faisal

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت ڪابه ڊيل نه ٿي رهي آهي، ڪلڀوشن جي حوالي سان فيصلا پاڪستان جي قانون موجب ٿيندا، عالمي عدالت جي فيصلو جو احترام ڪيون ٿا.

تفصيل موجب پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل اسلام آباد ۾ هفته وار بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت جي چيلهه ڀِت سان لڳي وئي آهي، ڀارت کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آرٽيڪل 370 واري فيصلي مان ٻاهر ڪيئن نڪرجي، والاريل ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهراءُ موجب حل ٿيڻ گهرجي.

ڊاڪٽر محمد فيصل جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ 2 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، عيدميلادالنيؐ جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ اجتماعن تي پابندي جي مذمت ڪيون ٿا.

هن چيو ته بابري مسجد واري فيصلي کانپوءِ هندوستان ۾ موجود سڀ عبادت گاهون خطري ۾ اچي ويون آهن، اِن معاملي کي مختلف فورمز تي اٿارينداسين، ڀارت طرفان بابري مسجد کي پنهنجو اندروني معاملو قرار ڏيڻ جي باوجود اُهو او آءِ سي جي ايجنڊا تي موجود آهي.

LEAVE A REPLY