حڪومت عدالتي فيصلي تي عدالت نه ٿي لڳائي سگهي: مريم اورنگزيب

0
47
Maryam Aurangzeb

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالت اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف کي پنهنجي مرضي سان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني آهي تنهنڪري حڪومت اِن فيصلي تي عدالت نه ٿي لڳائي سگهي.

تفصيل موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزين جو چوڻ هو ته لاهور هاءِڪورٽ جي فيصلي جي آخري حصي ۾ لکيل آهي ته ميان صاحب ملڪ اندر يا ٻاهر پنهنجي مرضي سان علاج ڪرائي سگهي ٿو..

مريم اورنگزيب ٻُڌايو ته اسلام آباد هاءِڪورٽ جي فيصلي ۽ دليلن ۾ به اُها ڳالهه موجود آهي ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ ايگزيڪٽو جو ڪم آهي ۽ حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي.

هُن چيو ته جڏهن اسان سڀئي قانوني گهرجون پوريون ڪري ڇڏيون آهن ته ضمانتي بانڊ ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟، آئين ۾ ضمانتي بانڊز جي ڪابه گنجائش موجود ناهي، نوازشريف جي صحت جي مسئلي تي ن ليگ نه پر حڪومت سياست ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته نوازشريف جي صحت بابت ميڊيڪل بورڊ جو اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ هُنن ميان صاحب جي طبيعت تي ڳڻتي جواظهار ڪيو آهي، نوازشريف جي جسم تي سوڄ ٿي وئي آهي، ڊاڪٽرن موجب جلد ڪجهه نه ڪيو ويو ته معاملو خراب ٿي ويندو.

LEAVE A REPLY