نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان نه نڪتو، ن ليگ جو عدالت سان رابطي جو فيصلو

0
55
Nawaz Sharif

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) نوازشريف جو نالو ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان ڪڍڻ واري معاملي تي عدالت سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽن موجب ن ليگ گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم کي پرڏيهه وڃڻ جي حڪومتي مشروط اجازت کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ ن ليگي قيادت ايندڙ حڪمت عملي اختيار ڪندي عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو:حڪومت نواز شريف کي 4 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي

ن ليگ طرفان وڪيل امجد پرويز ۽ اعظم نذير تارڙ کي پٽيشن تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جنهن کي تيار ٿيندي اڄ ئي لاهور هاءِڪورٽ ۾ داخل ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: ن ليگ پاران نواز شريف جي پرڏيهه مان علاج لاءِ حڪومت جي مشروط اجازت رد

LEAVE A REPLY