نوازشريف جي پرڏيهه وڃڻ جو ملڪي استحڪام سان تعلق ناهي: احسن اقبال

0
28
Ahsan Iqbal

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نوازشريف جي پرڏيهه وڃڻ جو ملڪي استحڪام سان تعلق ناهي.

تفصيل موجب خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته سياسي استحڪام جو تعلق حڪومتي ڪارڪردگي سان هوندو آهي، غربت، مهانگائي، بيروزگاري وڌندي ته عدم استحڪام جو ذريعو بڻجندي آهي.

هُن چيو ته بدقسمتي سان حڪومت جي معيشت تي توجا ناهي، وزيراعظم چئوندو هو ته ڪنهن کي به نه ڇڏيندس، هُن اڍ اپوزيشن ته اندر ڪري ڇڏي آهي هاڻي ڪارڪردگي ڏيکاري.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان جي تقرير افسوس ناڪ هُئي، حڪومت جا اتحادي به عوام جو دباءُ محسوس ڪري رهيا آهن، اقتصادي شعبن ۾ ناڪامي حڪومت جي زوال جو سبب بڻجندي.

LEAVE A REPLY