لنڊن ۾ اڄ ڊاڪٽرز نوازشريف جو طبي معائنو ڪندا

0
26

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف جو چوڻ آهي ته نوازشريف اڄ لنڊن ۾ پنهنجو پهريون چيڪ اپ ڪرائيندو، الله تعاليٰ کان دُعا آهي ته اڳوڻو وزيراعظم جلد کان جلد صحتياب ٿي ڏيهه واپس پهچي.

تفصيل موجب نوازشريف گذريل ڏينهن قطر ايئر ايمبولينس ذريعي علاج لاءِ لنڊن پهتو هو جتي هُو هيٿرو ايئرپورٽ کان ايون فيلڊ ۾ قائم پنهنجي پُٽ حسن نواز جي اپارٽمنٽ منتقل ٿيو.

حسن نواز جي گهر ۾ نوازشريف کي طبي سهولتون ڏيڻ لاءِ هڪ ڪمرو مختص ڪيو ويو آهي جنهن ۾ تمام طبي سهولتون موجود آهن.

نوازشريف سان گڏ شهبازشريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم جو ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان به لنڊن پهتو.

نوازشريف علاج لاءِ لنڊن پهتو ته ليگي ڪارڪنن پاران پنهنجي قائد جي شاندار آجيان ڪئي وئي ۽ نعرا هنيا ويا ڪيتري ئي دير تائين نوازشريف گاڏي کان ٻاهر نه اچي سگهيو.

لنڊن پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ قوم جي دعائون سان نوازشريف علاج لاءِ لنڊن پهچي ويو آهي.

هُن چيو ته سفر دوران ايئر ايمبولينس ۾ نوازشريف لاءِ تمام طبي سهولتون موجود هنيون، نوازشريف جو اڄ پهريون طبي معائنو ٿيندو جنهن لاءِ اپائنٽمنٽ ورتل آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي پاڪستاني قوم ۽ لنڊن ۾ رهندڙ لکين پاڪستانين کان دعائن جي درخواست آهي ته جيئن نوازشريف جلد کان جلد صحتياب ٿي وطن واپس وڃي.

LEAVE A REPLY