والد کي زهر ڏيڻ واري بيان تي حسين نواز جي وضاحت

0
27
Hussain Nawaz

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراغظم نوازشريف جي پُٽ حسين نواز والد کي زهر ڏيڻ بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب پنهنجي بيان جي وضاحت ڏيندي حسين نواز چيو آهي ته والد جي پليٽيليٽس ۾ گهٽتائي جي ڪري سلوپوائزن جو خدشو ظاهرڪيو هو، سلوپوائزن جي خدشي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هُن چيو ته مان ڪابه سياسي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ نٿو چاهيان، سڀ کان اهم شئي والد جي صحتيابي آهي، والد کي علاج لاءِ آمريڪا وڃڻ گهرجي ضروري آهي ته سڀ بيمارين جو علاج هڪ ڇت هيٺ ٿي.

واضح رهي ته حسين نواز گذريل مهيني هڪ بيان ۾ نوازشريف کي زهر ڏيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو هو.

LEAVE A REPLY