مسواڙ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل عرفان صديقي بري

0
27
Irfan Siddiqui

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خاص معاون عرفان صديقي کي مسواڙ ايڪٽ واري ڪيس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد پوليس عرفان صديقي کي ڪيس مان ڊسچارج ڪرڻ واري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي جنهن تي اسلام آباد هاءِڪورٽ جي جسٽس عامرفاروق ڪيس ختم ڪرڻ واري درخواست اڪلائيندي عرفان صديقي کي بري ڪري ڇڏيو آهي.

اِن موقعي تي عرفان صديقي جي وڪيل عدالت کان انتظاميا خلاف ڪارروائي جي هدايت ڏيڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو اُهو اوهان جو حق آهي اوهان ڌار درخواست ڏئي سگهو ٿا.

واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي دور ۾ سندس خاص معاون رهندڙ عرفان صديقي کي هلندڙ سال جولاءِ ۾ ڊرامائي طور تي گرفتار ڪيو ويو ۽ اِن تي پوليس مسواڙ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جا قلم لڳايا هُئا.

LEAVE A REPLY