تصويرون ٻڌائي رهيون آهن ته نوازشريف جي صحت کي ڪهڙا خطرا آهن: فردوس عاشق

0
29
Firdous Ashiq Awan

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءُ بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ماڻهن علاج معالجي جي نالي تي ايئرايمبولينس کي گهرايو ۽ چارٽر جهاز ۾ ويهي ويا جڏهن ته تصويرون ٻڌائي رهيون آهن ته ميان صاحب جي صحت کي ڪهڙا خطرا لاحق آهن.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پي ٽي آءِ اهڙي جماعت آهي جنهن اندر جمهوريت آهي، جمهوريت ۾ هرڪنهن کي آزادي راءِ جو حق حاصل هوندو آهي، هر شخص پنهنجي سوچ جو آزاداڻو استعمال ڪري سگهي ٿو.

هُن نوازشريف جو ذڪر ڪندي چيو ته جيڪو ملڪ کي نقصان پهچائي اُن کي معاف ڪرڻ ڏکيو آهي، ماڻهن علاج معالجي جي نالي تي ايئرايمبولينس کي سڏايو ۽ چارٽي جهاز ۾ ويهي ويا جڏهن ته تصويرون ٻڌائي رهيون آهن ته ميان صاحب جي صحت کي ڪهڙا خطرا لاحق آهن تنهنڪري قوم اميد ڪري ٿي علاج معالجي کانپوءِ ميان نوازشريف واپس ايندو.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم هدايت جاري ڪئي آهي ته اسان عدليه کي خودمختار ۽ آزاد اداري جي طور تي ڏسڻ چاهيون ٿا، پي ٽي آءِ احتساب تي يقين رکي ٿي، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف خلاف درخواست به ٻڌي، جيڪا درخواست پي ٽي آءِ ٻين جماعتن خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏني اُها بهٻڌي وڃي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اپوزيشن جي رهبرڪميٽي رهزن ڪميٽي بڻجي وئي آهي، ڪميٽي جي هر ميمبر تي خوف طاري آهي، هنن کي عوام جي پر پنهنجي پنهنجي سياسي دُڪانداري جي فڪر آهي.

LEAVE A REPLY