عمران خان ڪُرسي بچائڻ نه پر تبديلي آڻڻ لاءِ آيو آهي: وزيراعظم

0
27
Imran Khan

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هُو ڪرسي بچائڻ نه پر تبديلي آڻڻ لاءِ اقتدار ۾ آيو آهي.

تفصيل موجب ميانوالي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسپتال ميانوالي جي ماڻهن لاءِ شروعات آهي، ميانوالي لاءِ صحت، پاڻي جي اسڪيمن لاءِ تمام گهڻو پئسو رکيو آهي.

هُن چيو ته 2018ع کانپوءِ جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته 2 وڏا مسئلا هُئا، اسان کي تاريخي خسارو مليو، بجلي ۾ ساڍا 1200 ارب جو گردشي خسارو مليو، ن ليگ گئس ۾ 154 ارب روپين جو خسارو ڇڏي وئي، ڪرنٽ اڪائونٽ جو ساڍا 19 ارب ڊالر جو خسارو هو.

اڳوڻي وزيراعظم جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو جڏهن نوازشريف کي جهاز جون چاڙهيون چڙهندي ڏٺو ته ڊاڪٽرن جي رپورٽ ياد اچي وئي، رپورٽ ۾ ته هو مريض دل جي به تڪليف آهي، ڪڏني به خراب آهي، شگر به وڌيل آهي، مريض کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني ته هُو ڪنهن به وقت مري ويندو.

هُن چيو ته سوچي رهيو آهيان ته جهاز ڏسي مريض ٺيڪ ٿيو يا لنڊن جي هوا لڳس، اڃا تائين خبر ناهي پر اِن جي جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان مشرف وانگر ڪرسي بچائڻ لاءِ نه آيو آهي پر تبديلي آڻڻ لاءِ آيو آهي، اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻدڙ سڀ سياسي بي روزگار هُئا، ميانوالي جا نوجوان منهنجو ساٿ ڏين سڀ چورن کي اندر ڪندس.

LEAVE A REPLY