آصف زرداري خلاف 5 ڪيسن ۾ پلي بارگين ٿي چُڪي آهي: شيخ رشيد

0
20
Shaikh Rasheed

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 5 ڪيسن ۾ پلي بارگين ٿي چُڪي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان کي چيو هو ته نوازشريف کي وڃڻ ڏيو ڇو جو جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿي پيو ته اسان جي ڳچي ۾ پوندو.

هُن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر عدنان ۽ ڊاڪٽر وقار جو احتساب ڪيو وڃي ڇو جو هُنن ميڊيا کي بيوقوف ٻڻائي رکيو هو، ميڊيا تي ڊسڪس ٿي رهيو هو ته نوازشريف مرڻ وارو آهي، مون تڏهن به چيو هو ته اِن جو ڪفن کولي ڏسجو لنڊن مان نڪرندو.

شيخ رشيد چيو ته نئون آرمي چيف قمر جاويد باجوه ئي هوندو، اِن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چُڪو آهي.

هُن چيو ته آمريڪا سان مسئلو اُهو آهي چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ مدد ڇو ڪري رهيو آهي، هِنن جو جڏهن مقصد هوندو آحي تڏهن دوست بڻجي ويندا آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نيب چيئرمين سٺي ڳالهه ڪئي ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف سرخرو ۽ 2 پارٽيون ڦاسي پونديون.

LEAVE A REPLY