نوازشريف جي ڦڙتين سموريون دعوائون رد ڪري ڇڏيون آهن: فردوس عاشق اعواڻ

0
11
Firdous Ashiq Awan

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نوازشريف جي ڦڙتين سموريون دعوائون رد ڪري ڇڏيون آهن، اسان کي ان ڳالهه جي اميد رکڻ گهرجي ته نوازشريف جلد پنهنجي بيماري جي حوالي سان حتمي سڃاڻپ بابت قوم کي آگاهه ڪندو.

تفصيل موجب اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته الله تعاليٰ جي شڪر گذار آهيان جنهن مون کي عدالت جي آڏو سرخرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان عدالتي اصلاحات بابت پرعزم آهي.

هن چيو ته او آءِ سي ناروي جهڙن واقعن تي قدم کڻي ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي آواز به ٻڌي. جڏهن ته بابري مسجد جي واقعي تي ڀارت ۾ مسلمانن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو.

ملڪ جي سياست تي ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اپوزيشن جا سمورا پلان پوري طرح ناڪام ٿي ويا آهن، اپوزيشن  جي انتهاپسندانه سوچ کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ڪوبه اسلام جو ٺيڪيدار پاڪستان جي اڳيان وڌڻ واري رستي ۾ نه ايندو، مولانا ۽ سندس ڀائيوارن کي 2018  ۾ به مايوسي ٿي عوام انهن جي نظرين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو آئنده به پاڪستاني سياست ۾ انهن جي لاءِ ڪابه جڳهه ناهي.

ميان نوازشريف جي بيماري تي ڳالهائيندي هن چيوته ميان صاحب کي پرڏيهه ويندي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن پر اتان ان جو ڪوبه خط وغيره ناهي آيو، ان جون ڦڙتيون اوهان سڀني ڏٺيون، ان جو چهرو تندرست لڳي رهيو هو، اسان کي ان جي بهتر طبيعت جي لاءِ دعاگو رهڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه جي به اميد رکڻ گهرجي ته هو جلد پنهنجي بيماري جي حوالي سان قوم کي آگاهه ڪندو.

LEAVE A REPLY