نوازشريف لنڊن ويندي ئي ٺيڪ ٿي ويو، واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏئي: گورنر سنڌ

0
13
Imran Ismail

سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته نوازشريف لنڊن ويندي ئي ٺيڪ ٿي ويو، هاڻي واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏئي.

تفصيل موجب سانگهڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف لنڊن ۾ شاپنگ ڪري رهيو آهي ۽ شايد ان سان ڪا ٿراپي ٿي رهي آهي جيڪڏهن سندس طبعيت ٺيڪ ٿي وئي آهي ته واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏئي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مولانا جو ڌرڻو هڪ فلاپ شو هو، فضل الرحمان خبر ناهي ڇو آيو هو ۽ ڇو هليو ويو، پلان ڊي ايف تائين پهچي ويا هاڻي هنن جو زيڊ جلد اچڻ وارو آهي.

LEAVE A REPLY