دل جي ڊاڪٽر نوازشريف کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي: ڊاڪٽر عدنان

0
14
Nawaz Sharif

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان چيو آهي ته دل واري ڊاڪٽر نوازشريف کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي.

تفصيل موجب گذريل ڏينهن برج اسپتال لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائنيدي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان جو چوڻ هو ته (ن) ليگ اڳواڻ جو اڄ برج اسپتال لنڊن ۾ چيڪ اپ ڪيو ويو آهي.

دل جي ماهر ڊاڪٽر نوازشريف کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي.

ڊاڪٽر عدنان صحافين کي ٻڌايو ته خميس تي نوازشريف جو پي اي ٽي ٽيسٽ ڪيو ويندو ۽ ٽيسٽ کانپوءِ ئي ان جي علاج جو فيصلو ڪيو ويندو ته اڳيان ڇا ڪرڻو آهي.

LEAVE A REPLY