وزيراعظم عمران خان پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس سڏائي ورتو

0
35
Imran Khan Ijlas

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ قانوني ٽيم عدالتي فيصلي بابت ترجمانن کي بريف ڪندي جڏهن ته ترجمانن کي پارٽي گائيڊلائن به ڏني ويندي.

رپورٽن موجب وزيراعظم عمران خان پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو وٺڻ سوڌو عدالتي فيصلي بابت قانوني ٽيم ترجمانن کي بريف ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيرعاظم ترجمانن کي پارٽي گائيڊلائن ڏيندو ۽ اجلاس ۾ پارٽي بيانيو به جوڙيو ويندو.

LEAVE A REPLY