گرفتاري جو ڊپ، قائم علي شاهه عدالت پهچي ويو

0
42
Qaim Ali Shah

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه گرفتاري جي خدشي کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب قائم علي شاهه گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِڪورٽ پهچي ويو، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پاران داخل درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) کي گرفتاري کان روڪيو وڃي.

هُن درخواست ۾ وڌيڪ چيو آهي ته 4 ڊسمبر تي نيب آفيس ۾ پيشي لاءِ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڏني وڃي، قائم علي شاهه جي ضمانت واري درخواست تي اڄ ئي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY