لاهور ۾ چوبرجي ڪوراٽرز ويجهو ڌماڪو، 5 ڄڻا زخمي

0
33
Lahore Blast

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ چوبرجي ڪوارٽرز ويجهو رڪشا ۾ ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

تفصيل موجب لاهور ۾ چوبرجي ڪوارٽرز ويجهو هڪ رڪشا ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ڌماڪو ايترو زوردار هو جو ويجهي عمارتن جا شيشا به ٽُٽي ويا.

ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ بي ڊي ايس عملو واقعي واري هنڌ پهچي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان بال بيئرنگ مليا آهن، بي ڊي ايس عملو معائنو ڪري رهيو آهي، ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جڏهن ته رڪشا ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي.

ايس پي اقبال ٽائون جو چوڻ آهي ته رڪشي ۾ ٿيندڙ ڌماڪو ظاهري طور سلينڊر جو لڳي ٿو، جڏهن ته بال بيئرنگ به مليا آهن جن جو معائنو ڪيو پيو وڃي.

LEAVE A REPLY