پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان

0
36
Petrol Price

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي سمري پيٽروليم واري وزارت کي اماڙي ڇڏي آهي.

رپورٽن موجب مهانگائي کان تنگ عوام لاءِ سٺي خبر سامهو آئي آهي، اوگرا پيٽروليم شين جي اگهه ۾ 25 پئسا في ليٽر لاٿ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 113.99رپيا ٿي ويندي.

ان کانسواءِ اوگرا هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 40 پئسا في ليٽر، لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2 رپيا 90 پئسا في ليٽر گاسليٽ جي قيمت ۾ 83 پئسا في ليٽر لاٿ جي سمري موڪلي ڇڏي آهي.

اگهن ۾ ڦيرڦار کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 125.01 رپيا، لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت 82 رپيا 43 پئسا في ليٽر، گاسليٽ جي قيمت 96 رپيا 35 پئسا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

LEAVE A REPLY