پنجاب جي وڏي وزير سان چيف سيڪريٽري جي ملاقات

0
39
Usman Buzdar Meeting CS

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان نئين مقرر ٿيل چيف سيڪريٽري ميجر (ر) اعظم سليمان خان ملاقات ڪئي آهي.

تفصيل موجب پنجاب جي وڏي وزير پاران ميجر (ر) اعظم سليمان کي پنجاب ۾ چيف سيڪريٽري جي عهدي تي مقرري جي مبارڪباد ڏني وئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.

ان موقعي تي عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت هرسطح تي شفافيت، گڏگورننس ۽ ڪرپشن فري ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي.

هُن چيو ته عوام جي فلاحي، بهبود ۽ فلاح عامه جي منصوبن جي وقت سر تڪميل پنجاب حڪومت جون ترجيحون آهن، اسان جي ايجنڊا رڳو عوام جي خدمت ۽ صوبي ۾ ميرٽ جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ آهي.

ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي معاملن، گڏگورننس، شفافيت ۽ ڪفايت شعاري جي فروغ جي حوالي سان قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

LEAVE A REPLY