عوام جي زندگي بهتر ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون: اسدعمر

0
44
Asad Umar

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عوام جي زندگي بهتر ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جلد هرشعبي ۾ بهتري نظر اچڻ شروع ٿيندي.

تفصيل موجب اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته بنيادي صحت هرپاڪستاني شهري جو حق آهي، عوام جي زندگي بهتر ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

اسد عمر چيو ته اصل انقلاب سوچ جو آهي، اسان کي حقيقي تبديلي آڻڻ لاءِ سوچ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، عمران خان جي قيادت ۾ جدوجهد جاري رهندي، انشاالله هر شعبي ۾ بهتري نظر اچڻ شروع ٿيندي.

هُن چيو ته ڊاڪٽر ظفرمرزا حقيقي معني ۾ صحت جو نظام تبديل ڪري رهيو آهي، قدم وڌايو ظفر مرزا اسان توهان سان گڏ آهيون.

LEAVE A REPLY