پرڏيهي وزير شاهه محمودقريشي سان اردن جي شهزادي جي ملاقات

0
44
Shah Mehmood Qureshi

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان اردن جي شهزادي ساره زيد ملاقات ڪئي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته حڪومت خوراڪ جي ڪمي واري مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

تفصيل موجب اردن جي شهزادي ساره زيد پرڏيهي کاتي پهتي، جتي شاهه محمودقريشي سندس آجيان ڪئي، شهزادي ساره زيد جي پرڏيهي وزير شاهه محمودقريشي سان ملاقات به ٿي.

ملاقات ۾ غريب ۽ ڪمزور طبقن جي خوراڪ ۽ آبي تحفظ بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي وزير ورلڊ فوڊ پروگرام تحت زچا بچا بابت به آگاهي جي پروگرام جي واکاڻ ڪئي.

اين موقعي تي شاهه محمودقريشي جو چوڻ هو ته حڪومت خوراڪ جي ڪمي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، خوراڪ جي گهٽتائي ۽ ٻارن جي نشونما جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ترجيحن ۾ شامل آهي.

پرڏيهي وزير شهزادي کي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ احساس پروگرام بابت به آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير جي دعوت تي 3 عالمي تنظيمن جي نمائندن به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.

LEAVE A REPLY