پارٽي فنڊنگ، پ پ ۽ ن ليگ اليڪشن ڪميشن ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

0
38
PTI Foreign Funding Case

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پاران 7 نڪاتي سوالنامي تي جواب طلب ڪرڻ تي پ پ ۽ ن ليگ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪا ۾ اسان جي ڪا ڪمپني ناهي.

ٻئي طرف  ن ليگ پرڏيهه ۾ ڪمپنين جي ملڪيت واري الزام کي رد ڪندي پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ فنڊز فراهم ڪندڙ ماڻهن جا تفصيل ڏيڻ وقت گهري ورتو.

اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ پ پ جي جواب جو جائزو وٺندي جڏهن ته پ پ جي نمائندن کي 3 ڊسمبر تي پڻ طلب ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY