پ پ شاگرد يونين جي بحالي جي حامي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
43

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شاگرد يونين جي بحالي جي حمايت ڪري ڇڏي.

پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ۾ چيو ته پ پ شاگرد يونين جي بحالي جي حامي آهي، بينظير ڀٽو به شاگرد يونين بحال ڪري ڇڏيون هيون پر معاشري کي غيرسياسي بڻائڻ لاءِ شاگرد يونينز جي بحالي ختم ڪئي وئي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سرڪاري يونيورسٽين کي خانگائڻ بند ۽ تعليمي ادارن ۾ جنسي هراساني کي روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يونيورسٽي ڪيمپسز کي غيرعسڪري ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ۽ لکيو ته شاگردن جي نئين نسل جو هڪ پرامن جمهوري عمل جي بحالي لاءِ جوش متاثر ڪندڙ آهي.

LEAVE A REPLY